ثمينه ڪنول

ثمينه ڪنول

ثمينه ڪنول

ثمينه ڪنول: سنڌ جي لوڪ فنڪاره زيب النساءِ جي ڌيءَ ثمينه ڪنول جو جنم نوابشاهه شهر ۾ 1968ع ڌاري مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ شخص حاجيءَ جي گهر ۾ ٿيو . ننڍپڻ کان ئي استاد محمد جمن جي شاگرديءَ ۾ آئي . ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهريون ڀيرو جهانگير قريشيءَ کيس متعارف ڪرايو . ريڊيي تي ڳايل سندس پهريون لوڪ گيت ” بيهن واري ڇوري ، ڇلو ڪاڏي ڪيئي “ هو ، جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو . گائڪيءَ ۾ ، استاد محمد جمن وارو انداز اپنائيندي اچي ٿي . پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي . سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي آڊيو البم رليز ٿي چڪا آهن . هوءَ بلوچيءَ ۾ پڻ ڪيترا گيت ڳائي چڪي آهي . مٺي آواز جي ڪري سنڌ جي عوام پاران کيس ” سنڌ جي ڪويل “ به ڪوٺيو ويو آهي .


لفظ ثمينه ڪنولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو